اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين يوريا ڀاڻ جي ??ست??ابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گيس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي يونٽ?? کي پيداوار لاءِ گيس جي فراهمي يقيني ??ڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀاڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي شوڪت ترين سمورين لاڳاپيل ڌُرين کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت ات??اق راءِ پيدا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلا?? کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يوريا پلانٽ?? کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک ميٽرڪ ٽن اضافي پيداوار کي يقيني ??ڻائيندي. حڪومت پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت سمورن ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي ايڪسپورٽ لاءِ ٽينڊر پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير ??يد فخر امام، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.