اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي ??زي?? شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪ??مت جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون لاڀائتيون ثابت نه ٿيون، حڪ??مت پنهنجن وعدن تي قائم آهي، مارچ جي منتظمين پنهنجي مرڪز واپس وڃڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪن. پنجاب ۾ پوليس کي ري??جر?? جي ماتحت ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ايڪٽ تحت ري??جر?? کي سمورا اختي??ر حاصل آهن، صورتحال تي ??زي??اعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، ايف آءِ اي کي سوشل ميڊيا تي قابض اعتراض مواد خلاف ڪارروائيءَ جي هدايت ڪئي آهي.
??زي??اعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي ??زي?? ٻُڌايو ته ڪميٽيءَ جو اجلاس 2 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? فواد چوڌري، بچاءَ واري وفاقي ??زي?? پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن واري وفاقي ??زي?? نورالحق قادري، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف کان علاوه هٿياربند فوج جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪ??مت جي رٽ ۽ امان امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. گهرو ??زي?? چيو ته هو اميد ٿو ڪري ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون، جنهن ۾ حڪ??مت جي نمائندگي مان ۽ نورالحق قادري ڪنداسين. هن چيو ته ڪالهه آرٽيڪل 147 تحت پنجاب پوليس ري??جر?? جي ماتحت ڪيو ويو، پنجاب حڪ??مت کين ضرورت مطابق ڪٿي به ڪتب آڻي سگهي ٿي،
اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا احسن طريقي سان حل ٿين. جي ٽي روڊ تي 12 ربيع الاول کان وٺي هن وقت تائين ڌرڻن ۽ مارچن کان عوام متاثر ٿي رهيو آهي، ان دوران هنگامن ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 80 کان وڌيڪ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 6 کان 8 تائين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. گهرو ??زي?? چيو ته لٺ بردار پوليس اهلڪارن تي گوليون هلايون ويون، اهڙي صورتحال ۾ حڪ??مت پوليس کي ري??جر?? جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مان ڳالهين کان پوءِ جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، حڪ??مت ان تي قائم آهي پر جي ٽي روڊ کولڻ ۽ مرڪز واپس وڃڻ جو وعدو ٻي ڌُر جو هو جيڪو انهن پورو نه ڪيو. جيڪڏهن ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهتيون ته قوم کي اعتماد ۾ ورتو ويو. ??زي??اعظم عمران خان قوم کي صورتحال کان آگاهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو ??زي?? چيو ته صورتحال جي حوالي سان ڀارت، هانگ ڪانگ، ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ آفريقا، آمريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف ملڪن مان واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي مواد اپ لوڊ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان کان جيڪي ماڻهو ان ڪارروائيءَ ۾ ملوث آهن انهن خلاف ايف آءِ اي کي ڪارروائيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو ??زي?? چيو ته ان صورتحال سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو ٿي رهيو آهي، مان توقع رکان ٿو ته قومي نقصان نه ٿئي، پوليس جون جانيون به قيمتي آهن، سعد رضوي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، لاهور ۾ پڻ ڳالهيون ٿيون هيون پر ڳالهيون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي ستون ڀيرو مارچ لاءِ نڪتا آهن عوام کي ان صورتحال سبب وڏي تڪليف جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ري??جر?? کي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ سمورا اختي??ر حاصل آهن، اميد ٿا ڪريون ته ڳالهين سان مسئلي جو ڪو حل نڪرندو.