اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته 96 لک خاندان ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور وزيراعظم راشن رعايت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته ان پروگرام جي ذريعي 2 ڪروڙ خا??دان اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت حاص?? ڪندا جڏهن ته 7 لک ڪريانه اسٽور 120 ارب روپين جي سبسڊي خا??دانن کي ڏيڻ جو ذريعو بڻجندا.