اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، قومي سلامتي پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي و??اقي و??رن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪ?? ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري ڏني، وزي??اع??م عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پا??ست??ن ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزي??اع??م ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هداي?? ڪئي ته پاليسي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي پاليسي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هداي?? ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي پاليسي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاور?? ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پاليسي و??اقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي و??ندي.