اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن اوپن فورم جي صدر ڊاڪٽر نويد شيرواني اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ چيئرمين ايس ٽي زيڊ اي عامر هاشمي ??ان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي بهترين ٽيڪ يونيورسٽين جي سهڪار سان س??مي ڪنڊڪٽر ۽ هائي ٽيڪ انڊسٽريز جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن ??نع??ن جي ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽيڪنالاجي جي علم سان ليس نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪري سگهجن.