اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪ??وڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار، ٽيڪس وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ر??زور 31.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 26 سيڪڙو، سروسز روانگي واپار 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ن??ڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪ??هه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.