اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏيندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ??رڪ حڪومت جي ثابت قدم حمايت ۽ اصولي موقف تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دوري جي موقعي تي انقره ۾ ??رڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪ??و. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ترڪي جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي ۽ ??رڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو جي وچ ۾ ٻ??هي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي گرمجوشي سان مهمانوازي تي پنهنجي ??رڪ هم منصب جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام هڪ ٻي جي لاءِ رکندي ??هي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندي تائين وٺي وڄڻ لاءِ مفيد طريقيڪار جي طور تي ڪ?? ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ ترڪي ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس جو منتظر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير پنهنجي ويجهي پاڙيسري ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي لاءِ ترڪي جي تعاون کي ساراهيو. افغانستان جي باري ۾ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو، بلاول ڀٽو ز??دا??ي يوڪرين جي بحران ۾ ترڪي جي تعميري ڪ??دا?? ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ ??رڪ پرڏيهي وزير جي ذاتي ڪ??ششن کي به ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي ترڪي جي سرڪاري دوري تي وزيراعظم سان گڏ ??هي. هڪ مهيني کان گهٽ عرصي ۾ ٻ??هي پرڏيهي وزيرن جي اها ٻي ملاقات هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي جي اعزاز ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو گذريل رات آجياڻو به ڏنو.