اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري ??گهي، چونڊ قانونن جي حوا??ي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪاڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري ??هي آهي. پارلياماني وومين ڪاڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شم??لي?? کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شم??لي?? ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ميمبرن جي عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي عمل ۾ شم??لي?? فخر جوڳي آهي. عورتن جي حقن جي لاءِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري ??هي. پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونسازي جي لاءِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس جي سيڪريٽري ??اهده رحماني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده رحماني جي سربراهي ۾ وومين ڪاڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري ??کندس. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪاڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪاڪس جي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.