سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي ڪال کي ورجائيندي ڪشميري ??وام کي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽرل جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 آگسٽ جديد ڪش??ير جي تاريخ جو سڀ ک??ن المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي ۽ ڪشميري ??ن کي سدائين استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. هن چيو ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن هو جڏهن انسانيت جي قاتل نريندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني حڪومت ڪشميرين جا سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻيا سمورا ب??يادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير کي هڪ وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ڪش??ير جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي ۽ بنيادي حقن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪيو ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪش??ير کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هندوتوا قوتن تڪراري ??لائقي ۾ انتظامي تبديليون آڻي آبادڪاري ??ي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي جنهن جي شروعات نئين ڊومي??ائ??ل قانون سان ڪئي وئي.