اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي ص??ر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ص??ر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني شهرين سميت قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ?? همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي ص??ر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي اپريل 2022ع ۾ گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ڪيل فيصلن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن ان تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ?? حصيداري سميت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ??اران پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي اجاگر ڪندي چيو ته امارات ??اران پاڪستان ۾ مختلف اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي تازي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت ۾ ڳنڍيل آهن، گڏيل عرب امارات ??چ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو ذريعو آهي ۽ هو 16 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.