ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي و??تي گورنر آغا سراج دراني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي بزرگن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي و??تي گورنر جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسا?? کي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ گهرجن ته هن اسا?? کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آهي جنهن ۾ سمورن مذهبن جي پيروڪار?? کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي مڪمل آزادي سا?? سمورن رنگ ۽ نسل جي شهري?? کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسا?? کي گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دنيا جي افق تي نمايان مقام ڏياريون.