اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻوڏ متاثر علائقن جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ٻوڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي ا??داد لاءِ پي ا?? ايف فلڊ رليف ڊونيشن ??ڪائونٽ قائم ڪيو ??يو ??ڃي. چيف آف دي ا??ئر اسٽاف جي ا??ساني ا??داد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ڏو??انهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت امداد فراهم ڪرڻ آهي. پي ا?? ايف جي سمورن برانچز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ ت??اون فراهم ڪن. امدادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قائم ڪيو ??يو آهي. اثرائتي ا??تظامن لاءِ ريجنل ايئر ڪمانڊز تحت 3 رليف زونز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي ا?? ايف ايئر موبلٽي ڪمانڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ڏو??انهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جدوجهد لاءِ هڪ ايئر سپورٽ برج قائم ڪيو ??يو ??ڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قائم ڪيون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رليف سيل ۾ قائم پي ا?? ايف هيلپ ڊيسڪ مان ٻوڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ امداد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.