غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪن??اس??ن، متاثرين کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪن??اس??ن ڀلي ان جي لاءِ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوي، وزيراعظم غذر جي علائقي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي لاءِ گرانٽ جي فراهمي جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ توهان وٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، توهان جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان کي دلي افسوس آهي، ٻوڏ ريلي غذر ۾ جيڪا ??باهي مچائي آهي ان تي پورو پاڪستان ڏکويل آهي، برساتن، دريائن جي طغياني ۽ ٻوڏ سان پوري پاڪستان ۾ جيڪا ??باهي آئي اهي ان جو مٿال نه ٿ?? ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر طرف هڪ تباهي متل آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سوات ويلي ۾ تباهي ٿي آهي، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئي مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي جڏهن ته الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪن??اس??ن. هن چيو ته هو اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏين??اس??ن، متاثرين جون ڪهاڻيون دل کي چيري ڇڏين ٿيون، هتي ويٺل ٻارڙي جي خاندان جا 8 ماڻهو طغياني جي ور چڙهي ويا، الله پاڪ ان ٻارڙي کي صبر ۽ همت ڏي، اهو حڪم الاهي آهي ان جي اڳيان ڪنهن جي نه ٿي هلي، الله پاڪ انهن فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، غذر ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اهو معاوضو ڏکن جومداوو نه آهي پر زندهه رهندڙن جي لاءِ وسيلا گهرجن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ انهن 17 ماڻهن جي پونئيرن کي اهو معاوض?? ملڻ گهرجي، تباهه ٿيندڙ گهرن جو معاوضو به ڏين??اس??ن، اين ڊي ايم اي پاران گڏيل سروي شروع ڪئي وئي اهي، مشڪلاتن جو گڏجي انصاف سان مداوو ڪن??اس??ن، پوري قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪن??اس??ن، منهنجي جان يا حڪومت هلي وڇي ان تي ڪو ٺاهه نه ڪندس، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ان ۾ ڪا ??ياست رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته جيڪو به توهان جي حق لاءِ وڙهندو ان کي شاباس ڏين??اس??ن، هي هڪ جهاد آهي، ان ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آ??ي. ??ن چيو ته اسان جا دوست ملڪ تعاون ڪري رهيا آهن، ترڪيه مان هڪ وفد آيو، ان سان ملاقات ٿي، اهي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهن، انهن ڀائرن وانگر پنهنجي دل کولي آهي، اهڙي طرح گڏيل عرب امارات کان به امداد ملي رهي آهي، چين، برطانيا، آمريڪا، قطر سميت ٻين ملڪن کان به امداد ملي رهي آ??ي. ??ن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي، آئون ۽ منهنجا ساٿي ۽ حڪومت سک سان نه ويهن??اس??ن ۽ نه ئي سياست ڪن??اس??ن، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪن??اس??ن، گلگت بلتستان سميت سڀني کي هڪ ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني، اسان ٻيهر انهن کي دعوت ڏين??اس??ن، اهي ايندا ته اسان کي خوشي ٿيندي، اسان گڏجي ڪم ڪن??اس??ن، هي قوم کي سياست کان مٿانهون ان صورتحال مان ڪڍڻ جو وقت آ??ي. ??ن چيو ته ٻوڏ سان جن جي گهرن کي نقصان پهتو آهي، انهن جي لاءِ 25 هزار رپيا روڪ رقم ڏني پئي وڃي، فصلن، گهرن جو معاوضو ان کانسواءِ آهي، وفاقي حڪومت پاران انهن کي رقم ورهائڻ شروع ٿي چڪي آ??ي. ??زيراعظم چيو ته متاثرين کي گذارش آهي ته اهي صبر سان ڪم وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين اسان توهان سان گڏ بيٺل آهيون، اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن خاندان جي 8 ماڻهن جي پونئيرن کي مخاطب ڪندي چيو ته انهن جي خاندان جي لاءِ ان کان وڏي ڏک جي ڪهڙي ڳالهه هوندي پر اهو الله جو حڪم آهي، انبياءَ جا پيارا به انهن کان وڇڙي ويا، هن خاندان کي سهارو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هتان جي مقامي ماڻهن کي انهن جي ڇت بڻجڻو آ??ي. ??ن غذر ۾ فوري طور تي 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو اعلان ڪيو، وفاق ان جا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم ان ڳوٺ جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر حافظ حفيظ الرحمان، امجد ايڊووڪيٽ سميت ٻيا پڻ موجود هئا.