اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي ??عمير جي ??رگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ??هڪار جي منظوري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چ??و ته بينڪ اڳ ۾ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چ??و ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي ??خر ۾ ڏني ويندي. هن چ??و ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي ??ثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.