اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي ??ملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ??بسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي ??ملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خ??م دستگير خ??ن، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي ??ملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ه?? چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ??بسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي لاءِ گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. ه?? چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس کي آبادگار پئڪيج تي ??ملدرآمد تي ??فصيلي طور تي ??گاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ڏني ويندڙ سبسڊي، ??وڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.