اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستا?? سارڪ جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سارڪ چارٽر ڊي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ تعاون جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ ??ي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته سارڪ ملڪن جي عوام انهن موقعن مان فائدو نه کڻي ??هي آهي، ان مقصد جي لاءِ پاڪستا?? سارڪ جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.