ڊيره اسماعيل خان – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان سميت ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو پيڙهه ج?? پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وز??راعظم ڊيره اسماعيل خان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري دوران وز??راعظم چشما رائٽ بينڪ ڪينال جي بحالي، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال لفٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ، ٽانڪ زام ڊيم، سي پيڪ جي اولهندي روٽ / موٽروي يارڪ – سگو سيڪشن ۽ گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه ج?? پٿر رکيو. ان کانسواءِ وز??راعظم عبدالخيل 132 ڪي وي ۽ بند ڪورائي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشنز، پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي ڪم جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، منصوبابندي ۽ ترقي وار?? وفاقي وز??ر احسن اقبال، هائوسنگ ۽ تعميرات وار?? وفاقي وز??ر مولانا عبدالواسع، مذهبي معاملن وار?? وفاقي وز??ر مفتي عبدالشڪور، مواصلات وار?? وفاقي وز??ر اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، وز??راعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ عل??ئق?? جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.