اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي ٻوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي امداد تي گڏيل عرب اما??ات جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيليئنٽ پاڪستان بابت شيخ محمد بن زيد النهيان کي آگاهه ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ يو اي اي کي اعليٰ سطح جي شرڪت جي لاءِ درخواست ڪئي. شيخ محمد بن زيد النهيان ڪانفرنس جي بنيادي ايجنڊا جي حوالي سان گڏيل عرب اما??ات جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب اما??ات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دع??ت ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت ۾ مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب اما??ات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.