اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال ت?? دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب ??وليس کي شاباش ڏيندي غير معمولي بهادرري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب ??وليس جي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسي?? پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب ??وليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن سان ليس ڪنداسين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ آهي.