اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم ش??با?? شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي جا وڌندڙن واقعا پو??ي ??نيا جي لاءِ خط??ي ??ي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين م??دو?? ناهي رهي.