اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان تي موسمياتي تبديلين جي اثر، پاڻي، توا??ائ?? ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ فصل جي وڌ کان وڌ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي سٽ سهڻ جي سگهه رکندڙ فصلن جي قسم جي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضرورت آهي، آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل جي آجيان ڪندي آءِ اي اي اي ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ صحت، زراعت، صنعت، جوهري دوائن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جاري تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن ??ي لاءِ پاڪس??ان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ايجنسي جي ڪم ۾ مهارت ?? فني معاونت کي وصول ڪرڻ ۽ فراهم ڪندڙ طور پنهنجي تعاون کي سگهه ڏيڻ ??ي لاءِ پاڪس??ان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل گروسي کي پاڪس??ان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي اهتمام هيٺ 19 ڪينسر اسپتالن جي اهم ڪردار بابت بريفنگ ڏني، جيڪي پاڪس??ان ۾ ڪينسر جي علاج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ عام ماڻهو کي سستي علاج جي فراهمي يقيني بڻائي رهيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل مختلف شعبن ۾ نيوڪليئر ايپليڪيشن ۾ پاڪس??ان جي مهارت جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪس??ان ايجنسي جي ڪم ۾ معاونت ??ي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪينسر جي علاج ??ي لاءِ ”اميد جو ڪرڻو“ جا قدم به شامل آهن. وزيراعظم پاڪس??ان تي موسمياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي، توا??ائ?? ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ فصلن جي وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ فصلن جي قسم تي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪس??ان انرجي مڪس ۾ جوهري توا??ائ?? جو ڪردار سستي ۽ صاف توا??ائ?? جو آهي. آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل پاڪس??ان جهڙن ملڪن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ماحولياتي مسئلن بابت سڀني چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. هن پاڪس??ان ۾ زرعي تحقيقي ادارن بشمول اين آئي اي بي جيڪا آءِ اي اي اي جي تعاون ڪرڻ وارن مرڪزن مان هڪ آهي کي ساراهيو. واضح رهي ته آءِ اي اي اي جو ڊائريڪٽر جنرل ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. هو پاڪس??ان ۾ پنهنجي قيام دوران مختلف جوهري سهولتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪينسر جي علاج جي مرڪزن ۽ زرعي تحقيقي ادارن جو دورو ڪندو، جيڪي پائيدار ترقي ??ي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺي رهيا آهن، ان جي هن دوري سان ان جي پاڪس??ان پاران جوهري تحفظ ۽ سلامتي جي بهترين معيارن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو به ملندو.