اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي فوزيه وقار جي ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب طور ??قرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اها منظوري وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 3 ۽ 21 تحت ڏني آهي. فوزيه وقار جي مقرري ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي عهدي تي ڪشمالا طارق جو مدو مڪمل ٿيڻ تي عمل ۾ آندي وئي آهي.