اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڻڪاري مهم تي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌ??ئڻ جي لا??ِ قدم لا??مي آهن، عورتن کي تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻ??ئڻ وقت جي اهم گهرج آهي، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. نمائش ۾ زند??ي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ عورتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون باصلاحيت آهن ۽ انهن کي موقعا ملڻ تي آرٽ سميت مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. خاتون اول چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ مردن سان گڏوگڏ عورتن کي به موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته فلورل آرٽ هڪ شوق ئي نه پر ذهني صحت جي لا??ِ به ضروري آهي، ساوڪ سان توهان تاز??ي جو احساس حاصل ڪريو ٿا ۽ اها بي چيني ۽ پريشاني کي ختم ڪري ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته ساوڪ سان ماحول کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ان جي ماحول تي مثبت اثر پون ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ساوڪ کي فروغ ڏين ڇو ته ان سان ماحول کي متوازن رکڻ ۾ مدد ملي ٿي، پاڪستان جي شهرن ۾ ساوڪ گهٽ آهي ۽ ان قدم سان پاڪستان جي خوبصورتي وڌ??ئڻ ۽ قائم رکڻ ۾ مدد ملندي. خاتون اول وڻڪاري مهم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌ??ئڻ جي لا??ِ ڀرپور قدم لا??ي آهن، پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي بهتر بڻ??ئڻ جي لا??ِ عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئو?? به فلورل آرٽ جي ميمبر آهيان، عورتون پنهنجي ڪوششن سان مهارت ۽ تخليق فن کي وڌائي سگهن ٿيون جڏهن ته باغباني کي فروغ ڏيڻ گهرجي. بيگم ثمينه عارف علوي نمائش ۾ رکيل فلورل آرٽ جا نمونا پڻ ڏٺا ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.