اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد اب??اهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانس??يش?? لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ ايران گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي وڌائڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار ج?? لاءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ ج?? لاءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فارم فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانس??يش?? لائين ايران کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائ?? لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.