اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري ??هر دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري ??جلاس ۾ شرڪت ڪري ??هي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغانستان جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ??ندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري ??کندو.