اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو ??ال??اني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍا??چي لاءِ رک??ا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ رک??ا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ارب رپيا رک??ا ويا اهن. زرعي ??ور پاڻڀرو ٿيڻ ل??ءِ 45 ارب رپين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رک?? وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ارب رپين جي ويجهو هوندي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين.