اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مي??ان شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وس??ري??دي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ نائب صوبيدار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، سپاهي جهانگير خان کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي گ??رڀ??تين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهن بهادر جوانن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وس??ري??دي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جا بهادر جوان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ جي آبياري ڪري رهيا آهن.