اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اس??ورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري و??اق?? وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا واري و??اق?? وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪ??ر بلال اظهر ڪياني، و??اق?? سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال دوران وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اس??ورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪيم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.