اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (ا?? جي پي آر) جي منشيات رک?? جي ڪيس ۾ سزا يافته اڳوڻي ملازم جي پينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (ا?? جي پي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس رک?? تي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ا?? جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مير محمد قمبراڻ?? جي وفاقي محتسب جي فيصل?? جي خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ بند ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب مير محمد قمبراڻي (شڪايت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس رک?? جي ڏوهه ۾ فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪايت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت س??ت پورهئي سان عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏن?? جي سزا ٻڌائي هئي. بعد ۾ ا?? جي پي آر فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ کان ڏوهار?? جي پينشن روڪي ڇڏي. شڪايت ڪندڙ پنهنجي پينشن جي بحال?? جي لاءِ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ڏوهاري فيصل?? جي خلاف وفاقي محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي جنهن کي اتان به رد ڪيو ويو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ صدر کي محتسب جي فيصل?? جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسپيشل جج ڪوئيٽا جي فيصلي موجب ڏوهار?? جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس برآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ان کان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقبل جو سٺو طرزعمل پينشن گرانٽ جي لازمي شرط آهي، جيڪڏهن پينشنر ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته حڪومت پينشن يا ان جي هڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صدر چيو ته ضابطي تحت پينشن جو پورو يا ڪو حصو روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صدر جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي لاءِ سرڪاري ملازم جي سڄي زندگي جو سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صدر چيو ته سول سروس ضابطي 351 تحت مير محمد قمبراڻ?? جي سزا جي تاريخ کان پينشن روڪي وڃي ٿي.