ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چ??و آهي ته نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ليپ ٽاپ ??سڪيم تمام اهم آهي، ليپ ٽاپ ۽ لون حاصل ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو عورتون آهن. وزيراعظم ليپ ٽاپ ??سڪيم ۽ وزيراعظم يوٿ بزنس لونز تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چ??و ته سنڌ حڪومت هوشيار شاگردياڻين ۽ باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ پاڻ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، ليپ ٽاپ ۽ لون حاصل ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو عورتون آهن، عورتن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ 25 ارب رپين جي سيڙپڪاري سان ٽيڪنالاجي پارڪ ٺاهيو ويندو.