اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري (ڪالهه) آچر 30 جولاءِ تي گڏيل عرب امارتن جي سرڪاري د??ري تي روانو ٿي ويو، ترجمان موجب پنهنجي د??ري دوران پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي عزت آب شيخ عبدالله بن ??يد آل نهيان سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا سهڪار جي سمورن رخن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان موقعي ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصب سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي، د??ري دوران پرڏيهي وزير مادام تسا ۾ پهرين پاڪستاني شخصيت اڳوڻي وزيراعظم ب??نظ??ر ڀٽو شهيد جي مومي مجسمي جي نقاب ڪشائي ??ري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، واضع رهي ته ٻئي ملڪ لڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪت داري کي وڌيڪ گهرو گهرو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.