اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? چيو آهي ته اسان کي پنهنجي هيروز تي فخر آهي، 8 ماڻهن کي ريسڪيو ڪري انهن بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بٽگرام ۾ اسان جي هيروز چئلينج کي پوري طرح منهن ڏنو، اسان جي فوج، انتظاميا ۽ مقامي جوانن گڏجي وڏي خطري کي ٽاري بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. انهن 8 ماڻهن ج??ن زندگيون بچائي اسان جي اتحاد جي ??وت جو هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??ن واقعي جي نتيجي ۾ اڄ اسان جو قومي جذبو اڀري سامهون آيو آهي. اسان جا هيروز قابل فخر آهن.