اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪندي چيو آه?? ته اسرائيل هڪ اسپتال تي حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اسرائ??لي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئ?? ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائ??لي فضائي حملي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظه??ر ڪيو. صدر چيو ته اسرائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ اسرائ??لي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.