اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪا??ينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جا??ار??ف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪا??ونسل آف هيڊز گورن??ين?? جي 22 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ?? ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ?? پاڪستان ?? ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪا??ونسل آف هيڊز آف گورن??ين?? ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تعاون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪا??ونسل آف هيڊز آف گورن??ين?? جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.