اسلام آباد ?? 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته چونڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي ??راهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي ??اءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي نيوز ڪرنٽ افيئرز ۽ سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد ۽ پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي پي ٽي وي نيوز ?? ڪرنٽ افيئرز پروگرامن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ملڪ ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو ادار?? آهي ۽ چونڊن ۾ پي ٽي وي جو قومي ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي ??راهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي ??اءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو. هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي حالات حاضره جي ??روگرامن ۾ شرڪت سان پي ٽي وي جي ساک ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي پي ٽي وي ٽيم اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن دوران خبرن جي ڪوريج ۽ اسڪوپ ۾ تيزي سان اضافو ٿي?? آهي، پي ٽي وي پاران خبرن جي انگ ۾ اضافي سان ناظرين کي تازه ترين حالتن کان آگاهي ۾ مدد ملي آهي، خبرن ۾ آن ڪئميره رپورٽنگ ۽ سماجي ??سئلن بابت رپورٽس کي خصوصي اهميت ڏني پئي وڃي، خبرن جي شعبي ۾ نه رڳو مقداري لحاظ سان تبديلي آئي آهي پر نيشنل نيوز بيورو اسلام آباد ۽ ٻين سينٽرز تان پيشڪش جو انداز پڻ بدلاي?? آهي.