اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آه??. ايوان صدر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پنهنجي خط ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن جي لاءِ اتفاق راءِ آه??، سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آه??. صدر ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب خان پاران مليل خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جمهوريت ئي پاڪستان جي رياست ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آه??، ماڻهن جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ئي جمهوريت جو روح آه??. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته اهو انتهائي اهميت رکندڙ آه?? ته نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ڪري. هن چيو ته ان ڏس ۾ نگران حڪومت جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي نگران وزيراعظم جا تازا بيان اطمينان جوڳا آه??. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽي??ل 41 تحت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي حيثيت سان جمهوريه جي اتحاد جي علامت آه??، آئين موجب سمورن ادارن سميت صدر ۽ وزيراعظم شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آه??. صدر لکيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽي??ل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿو ته قانون موجب سلوڪ ڪرڻ هر شهري جو مڃيل حق آه??. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ڪرڻ هر شهري جو حق آه??. صدر چيو ته آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.