اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سم??رين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سم??رين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو، رياستي ميڊيا تي سم??رين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، ميڊ??ا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ جعلي خبرون پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. اها ڳالهه هن م??اق??ت جي لاءِ آيل اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) رضا محمد جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي. م??اق??ت ۾ موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال، جعلي خبرن ۽ ڊس انفارميشن جي خا??مي?? ايندڙ عام چونڊن، سوشل ميڊيا جي مسئلن، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ چونڊن سم??ت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي ملڪ جي سياسي منظرنامي تي ادارن جي تازه ترين تحقيق کان آگاهه ڪيو ۽ نگران حڪومت جي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ??مي??ن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته سم??رين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سم??رين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جو فروغ لازمي آهي. مس انفارميشن ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئيلنج جعلي خبرون آهن جن جي خاتمي ۾ سم??رين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. م??اق??ت ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ميڊ??ا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، رياستي ميڊيا تي سم??رين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. وفد پاڪستان ۾ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم ج?? اظهار ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر (ايڊووڪيسي اينڊ ڪميونيڪشن) صديق همايون، حشام، جويريه، انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر خرم عباس ۽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز مان نوفل شامل هئا.