اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عو??م گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ڪشميري عو??م جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??ايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي ح?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عو??م اڄ خودمختياري جي ح?? جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪشميري عو??م کي اهو حق ڏنو هو ته اها پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اڄ ڪشميري عو??م سان ڪيل ان واعدي کي 75 سال گذري ويا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گڏيل قومن کي ڪشميري عو??م سان ڪيل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي ح?? جي جدوجهد جي ح??ايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرانو فاقي وزير چ??و ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي ح??ثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان رخ ۾ تازه ترين قدم آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حدبندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??ايت جاري رکندو.