ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظها?? ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ??يڻ جو ذڪ?? ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪي??. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪي??. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.