اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽ چيئرمين ??حمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، بلوچستان جي گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ ??ضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو، نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حمزه شهباز، عليم خان، راجا ظفرالحق، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، مرتضيٰ جاويد عباسي، فاروق ستار سميت ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئ??. واضح رهي ته شهباز شريف ان کان اڳ هڪ ڀيرو وزارت عظميٰ جڏهن ته ٽي ڀيرا پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تي رهي چڪو آهي، هو پهريون ڀيرو 11 اپريل 2022ع کان 14 آگسٽ 2023ع تائين ??زارت عظميٰ جي عهدي تي ??هي??. هو ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير ??هي??. هو 1988ع کان 1990ع تائين ??نجاب اسيمبلي جڏهن ته 1990ع کان 1993ع تائين ??ومي اسيمبلي جو ميمبر ??هي??، 1993ع کان 1996ع تائين ??نجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ??هي??، 1997ع ۾ هو پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ۽ 1999ع تائين ان عهدي تي ??هي??. 2008ع ۾ هو چ??ٿو?? ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ان مدي ۾ 2013ع تائين ??و پنجاب جو وڏو وزير ??هي??. 2013ع جي عام چونڊن ۾ هن صوبائي اسيمبلي جي ٽن ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هو ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو.