اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان الوداعي ملاقات ٿي. هٿياربند فوج جي دستي پاران نگران وزيراعظم جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي ترانو پڻ وڄايو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ هٿياربند فوج جي دستي پاران گارڊ آف آنر جو ??عائنو ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس ج?? عملي سان الوداعي هٿ ملايو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پنهنجي آفيس پهتو ته عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سندس شاندار استقبال ڪيو. هن نگران وزيراعظم سان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف نگران وزيراعظم کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس مان رخصت ڪيو.