اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم اومان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. ??زي??اعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ??زي??اعظم مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فر??غ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق ??زي??اعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??زي??اعظم اوماني سلطان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏ??ي. ??لطان حاتم بن طارق پڻ ??زي??اعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.