اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم ??لصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀا??راڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم ??لصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پنهنجي چ??نڊ جي موقعي تي ڪويتي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام جو ذڪر ڪندي ڪويتي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀا??راڻن لاڳاپن تي روشني وجهندي پاڪستان، ڪويت ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي انهن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نه رڳو پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو پر پاڪستان پاران گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي جلد عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي وچ ۾ ڀا??يچاري ۽ خاص طور تي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀا??رن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. ڪويت جي وزيراعظم پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪويتي حڪومت پاران پاڪستان سان تعاون جي وڌيڪ فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو.