اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 182 ووٽن جي زبردست حمايت سان 2025ع ۽ 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جنگ جي روڪٿام ۽ ام?? کي فروغ ڏ??ڻ جي گڏيل قومن جي چارٽر جي ويزن سان پنهنجي وابستگي کي برقرار رکڻ، عالمي خوشحالي ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏ??ڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ موجب عالمي ام?? ۽ سلامتي جي بح??لي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي پرڏيهي وزارت، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سمورن مشنز پاران بهترين مهم ۽ ٽيم ورڪ کي ساراهيو.