اسلا?? آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته نگران حڪومت ٻن مهينن جي آئيني مدي دوران وقت سر، شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن چونڊن کي يقيني بڻائيندي، آئين ۾ عام چونڊن جي لاءِ 60 ڏينهن کان ??ڌي?? جي گنجائش نه آهي، نگران حڪومت آئين جي مڪمل پيروي ڪندي، بلوچستان ۾ موسم جي خرابي ۽ ڪجهه تڪن جي نئين تڪ بندين سان چونڊن ۾ دير جو ڪو امڪان نه آهي. هو پاڪستان ٽي??يو??زن جي پروگرام سچ ته اهو آهي ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو ته وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ نگران ڪابي??ا جي لاءِ منهنجي چونڊ پاڻ ڪئي ۽ مون کي اطلاعات، قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني م??ام?? نواري وزارت جو قلمدان ڏنو آهي، مون کي اهو قلمبند ملڻ تي خوشي ٿي ان کان ??ڌي?? خوشي منهنجي والده کي ٿي آهي ڇو ته منهنجو والد ايس ايم ظفر پڻ قانون وارو وزير رهي چڪو آهي.