اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جمهوريت بچائڻ جي لاءِ جيڪي ما??هو ??ڏ ٿيا آهن انهن ما??هن جي ڪري اسان جو ملڪ اڳتي نه وڌي سگهيو، ملڪ هن وقت معاشي ط??ر تي مشڪل دور مان گذري رهيو آهي پر پاڪستاني قوم ۾ قرباني جو جذبو آهي، دنيا ۾ شوڪت خانم اسپتال جهڙي اسپتال جو مثال نه ٿو ملي، شوڪت خانم اسپتال ٺاهي عالمي ڪپ کٽڻ کان به وڌيڪ خوشي ٿي، ٻين جي مدد ڪرڻ سان ئي حقيقي خوشي ملي ٿي، ملڪ 70 سالن کان معاشي بحران جو ??ڪا?? هو پر اسان ثابت ڪنداسين ته سڄي خطي ۾ پاڪستان مٿي ويندو. هو اسلام آباد ۾ شوڪت خانم اسپتال فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.