اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو آهي ته سائلين کي انصاف جي فراهمي ۾ بار ۽ بينچ جو اهم ڪردار آهي، ضلعي عدالتن جي حالت ۽ مسئلا وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندا آهن، اسلام آباد جون ضلعي عدالتون جڊيشل ڪامپليڪس ۾ منتقل ٿينديون. وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، مولانا فضل الرحمان هر بال تي ڇڪ?? لڳائڻ چاهي ٿو تنهن هوندي به ان جي آئوٽ ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪو??ٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.