اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سالن کان غيراستعمال ٿيل اربين روپين جي ملڪيتن کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي عوام جي ڀلائي ۽ اسڪو??ن، ڪاليجن، اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ موجوده حڪومت جي پاليسي جو ا??م جز آهي. هن چيو ته اربين روپين جي ملڪيتن جي باوجود وفاقي حڪومت جا مختلف ادارا اربين رپين جو ساليانو خسارو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ انهن وڏين قيمتن ??ار??ن ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻي ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وزارتن ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن جي غيراستعمال ٿيل ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.