اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو ۽ روشن مستقبل جي اميد آهن، نوجوانن جي خوابن جي تعبير وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مشن آهي، اسان کي پ??هنجي نوجوان نسل خاص طور تي شاگردن جي محنت، ديانتداري ۽ سچائي ج?? اصولن تي ٻڌل ڪردارسازي ڪرڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.