اسلام آباد – 13 فيبروري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ترڪ صدر ر??ب طيب اردوان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي م??ام??ن تي گڏيل تعاون جاري رکندا، هنن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي تمام گهڻين صلاحيتن کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۽ انهن کي هڪ مضبوط ۽ متحرڪ واپاري ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، ٻنهي ملڪن جي صدرن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ترڪي کي اسلام فوبيا سميت امت کي درپيش چئلينجن جو ??قا??لو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. ترڪي جي صدر ر??ب طيب اردوان ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.